گلاب لغاري (ن پ ا) پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ چمبڙ جي صدر زبيده لغاري، غلام حيدر لغاري، محمد صديق  لغاري ۽ سلطان رند جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ علي خان لغاري جي رھواسين پاران مبينا طور سوشل ميڊيا تي سندن ۽ علائقي واسين خلاف غلط پوسٽون هلائي  کين بليڪ ميل ڪندڙ ھڪ گروهه خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٽنڊوغلام علي_ ٽنڊوالھيار روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن  زبيده لغاري، سلطان رند، محمد صديق لغاري دانهيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي بليڪ ميلر ٽولو غلط پوسٽون هلائي علائقي واسين کي پريشان ڪري رهيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.