ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦورن جي وارڌاتن ۾ واڌ اچي وئي چوريون ڦورو روز جو معمول بڻجي  ويون آهن، ڪڪڙ ڀرسان انڊس ھاءِ وي روڊ ڳوٺ پير جڳ شينھن وٽ نامعلوم ھٿياربند ڳوٺ پريل قمبراڻي واسي عبدالنبي قمبراڻي کي ھٿيارن جي زور يرغمال ڪري کانئس ون ٽو فائيو موٽر سائينڪل ۽ روڪ رقم موبائل فون ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. ڪڪڙ ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي آھي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي.