مسوڀرڳڙي (ن پ ا) ھٽڙي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ واڻڪي وسي جي ماستر علي احمد لغاري کان  ڳوٺ صاحب خان چانڊيو وٽ ھڙي جي آڙ ۾  ڏينهن ڏٺي  ون ٽو فائيو موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مذاحمت تي ڦورو ماستر کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي زخمي ڪري  فرار ٿي ويا. ڌڪي کي ڳوٺاڻن سول اسپتال حيدرآباد پهچايو، جتي سندس حالت سڌرندڙ آھي، واقعي جي اين سي ھٽڙي ٿاڻي تي ڪٽرائي وئي آهي.