گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ_ ميھڙ روڊ تي فوڊ انسپيڪٽر نصيرآباد ظهير مگسي ڪارروائي ڪري ڪڻڪ سان ڀريل 2 ٽرڪون هٿ ڪري ورتيون آهن، فوڊ عملدار ن موجب ڪڻڪ جون 2 ٽرڪون وارهه کان دادو ضلعي طرف وڃي رهيون هيون ته گاجي کهاوڙ_ ميھڙ روڊ تي ڪارروائي ڪري 2 ٽرڪون پڪڙي فوڊ سينٽر نصيرآباد منتقل ڪيون آھن، ان حوالي سان فوڊ انسپيڪٽر ظهير مگسي ٻڌايو ته اسان قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي سرحدي دنگ تي ناڪا بندي ڪري 2 ٽرڪون پڪڙي فوڊ سينٽر نصيرآباد منتقل ڪيون آھن.