ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) ڪي ٽي سر ڪندي گم ٿيل علي سدپاره ۽ سندس ٻن پرڏيهي دوستن جا 6 مهينن بعد لاش هٿ اچي ويا آهن. هلندڙ سال 6 فيبروري تي دنيا جي ٻي وڏي چوٽي ڪي ٽو سر ڪرڻ جي ڪوشش دوران علي سدپاره، جان سنوري ۽ جان پابلو گم ٿيا هئا. موسم خراب هجڻ سبب فوج ۽ ٻين ادارن ريسڪيو آپريشن بند ڪري ڇڏيو هو، پر ڪالهه ڪي ٽو بيس ڪيمپ وٽان هڪ پرڏيهي ڪمپني جي عملدارن کي 3 لاش هٿ آيا، جن لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪري کين آگاهي ڏني. گلگت بلتستان جي اطلاعات واري وزير تصديق ڪئي ته پرڏيهي ڪمپني کي مليل لاش علي سدپاره، جان سنوري ۽ جان پبلو جا آهن. علي سدپاره دنيا جا خطرناڪ جبل سر ڪري پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، رڪارڊ بڪ تي به سندس نالو لکيل آهي. وزير اعلان ڪيو ته علي سد پاره کي سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويندو.