خيرپورناٿن شاهه (ن پ ا) خيرپورناٿن شاهه پوليس ڳجهي اطلاع تي ڳوٺ باغائي چانڊيو سامهون انڊس هاءِ وي تي چيڪنگ دوران لاڙڪاڻي طرف کان مورو شهر ويندر ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته ڪار تيز رفتار هجڻ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ سبب  ڪار ڪلٽيون کائي ڪري پئي جنهن بعد پوليس ڪار جي چوطرف فري ويا، ڪار جي تلاشي ورتي وئي ته ڪار مان 32 ڪٽا ڀريل نشي آور سوپارين سان هٿ ڪري ڪار ۾ سوار ٻن ڄڻن اوستا محمد جو رهواسي واحد بخش تنيو ۽ ڪوئيٽا جو رهواسي محمد آصف بروهي کي گرفتار ڪري مٿس منشيات جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.