غوثپور (ن پ ا) غوثپور انڊس هاءِ وي تي راجا لاڙي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن کڻائي اسپتال پهچايو. ڊاڪٽرن نه هئڻ ڪري زخمي تڙپندا رهيا، زخمين ۾ ٺل واسي عاليا ٻرڙو،  اسلم ٻرڙو ۽ علي احمد شامل آهن.زخمي اسلم ٻرڙو ٻڌايو ته اسپتال  مان عملو غائب آهي، وارث ڪنڌڪوٽ جي سول اسپتال کڻائي ويا، پوليس واقعي جي اين سي داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.