اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪينٽومينٽ بورڊ جي چونڊن واري مامري تي ٽڪيٽون تقسيم ڪرڻ لاءِ طريقيڪار جوڙي ڇڏيو، پارٽي جي چيف آرگنائيزر سينيٽ سيف الله نيازي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جا اختيار علائقائي صدرن کي ڏئي ڇڏيو، سيف الله نيازي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق مرڪزي سنڌ ۾ ٽڪيٽون تقسيم ڪرڻ جو اختيار صداقت جتوئي، اتر سنڌ ۾ ڪينٽومينٽ بورڊ ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو اختيار طاهر شاهه کي جڏهن ته اولهه سنڌ ۾ ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو اختيار خرم شير زمان کي ڏنو آهي، ان کان علاوه اولهه ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ ٽڪيٽون تقسيم ڪرڻ جو اختيار فيض الله ڪاموڪا ۽ نور محمد خان کي ڏنو آهي، اهڙي طرح پشاور ۾ هزاره، پشاور ۽ ڏکڻ خيبر پختونخوا جي علائقن لاءِ علي اصغر خان، فضل محمد خان ۽ شهباز گل شنواري کي ٽڪيٽون جاري ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو آهي، بلوچستان نواب خان ۽ منير احمد بلوچ کي اهڙو اختيار ڏنو ويو آهي. جن اميدوارن کي ٽڪيٽن لاءِ نامزد ڪيو ويندو انهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ کين حتمي طور ٽڪيٽون جاري ڪيون وينديون.