اوڪي ناواد(انٽريسٽنگ نيوز) سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن جي ڪري چٻي ۽ کسڪيل لوگو واري آءِ فون کي ان جي اصل قيمت کان وڌيڪ مهانگو ڪري ڇڏيو. گذريل هفتي انٽرنل آرڪائيو نالي هڪ ٽوئٽر اڪائونٽ تان آءِ فون 11 جون ڪجهه تصويرون شيئر ڪرايون وين جن تي ايپل ڪارپوريشن جو لوگو معمولي چٻو ۽ پنهنجي اصل جاءِ تان ٿورو کسڪيل هو. ٽوئيٽ ۾ لکيل هو ته هي آءِ فون 11 تمام ناياب آهي ۽ 2700 ڊالرن ۾ وڪرو ٿيو آهي ڇاڪاڻ ته ڏهن ڪروڙن مان ڪو هڪ آءِ فون ئي اهڙو هوندو آهي. ان پوسٽ بعد سوشل ميڊيا تي پوسٽن ۽ وڊيون جا انبار لڳي ويا ۽ آءِ فون 11 بابت ڪوڙيون ڳالهيون هلايون ويون، هڪ صارف چيو ته ايپل ڪارپوريشن ۾ شين جي معيار جو خاص خيال رکيو ويندو آهي چاهي فون جو ڪور ئي ڇو نه هجي. سخت چيڪنگ باوجود چٻي لوگو وارو فون صارف تائين پهتو آهي ته اهو واقعي ناياب آهي. ڪجهه ماڻهن ته 2700 ڊالرن واري هن آءِ فون جي قيمت لکين ڊالر به ٻڌائي. هڪ شخص اهو فون خريدڻ لاءِ 5 هزار ڊالر ڏيڻ جي به آڇ ڪئي پر شيميزو نالي همراهه اهو چٻو آءِ فون وڪڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.