منگوليا(انٽريسٽنگ نيوز) سڄي دنيا ۾ ريگستان وڌي رهيا آهن پر بهادر چيني جوڙي ريگستان کي روڪڻ لاءِ 20 سالن ۾ سوين هيڪٽر بنجر زمين تي وڻڪاري جي ذميواري کنئي آهي، 70 سالن جي ٽوبو باٽو ۽ سندس گهرواري دنيا جي ٽئين سڀ کان وڏي ريگستان بادين جاران کي سرسبز بڻائڻ جو مشن شروع ڪيو هو جيڪو اڃا به جاري آهي. اهو ريگستان منگوليا جي ريگستان گوبي سان ڳنڍيل آهي، 2002ع ۾ رٽائرمينٽ بعد هنن ڪيترن ئي قسمن جا ٻوٽا پوکي ريگستان جي واڌ کي روڪڻ جو آغاز ڪيو. سڀ کان پهرين 50 ٻوٽا پوکيا ويا ۽ هاڻ هو هرسال هزارين ٻوٽا پوکيندا آهن اهڙي ريت ريگستان ۾ 266 هيڪٽرن تي پکڙيل نخلستان جڙي ويو آهين جنهن ۾ لکين اهڙا وڻ آهن جيڪي ريگستان کي روڪيو بيٺا آهن. هو پنهنجي جوڙيل جهنگ کان 100 ڪلوميٽر پري رهندا آهن ۽ ڊگهو سفر ڪري ايندا آهن. شروع ۾ جوڙي تي ٺٺوليون ڪيون ويون، ماڻهن سندن ناڪامي جون اڳڪٿيون ڪيون پر هنن همت نه هاري ۽ مشن جاري رکيو، 19 ورهين بعد هو لکين وڻ لڳائي چڪا آهن ۽ هاڻ اهو جهنگ سندن آمدني جو ذريعو بڻجي ويو آهي ۽ نباتاتي دوا 15 هزار 500 ڊالرن ۾ وڪرو ٿيندي آهي.