حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جا وهڪرا خطرناڪ حد تائين گهٽجڻ سبب سمنڊ ۾ مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿي رهيو آهي، جنهن جي ڪري سمنڊ جي ويرن ۾ به خطرناڪ حد تائين تيزي اچي وئي آهي. سمنڊ جي لهرن ۾ تيزي جي ڪري زمينن کي سمنڊ جي پاوت خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي ۽ روزانو جي بنياد تي سمنڊ علائقي مان زرخيز زمين کي پائي مٿي چڙهي رهيو آهي جنهن سبب علائقي واسين ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال پيدا ٿيل آهي. ”پنهنجي اخبار“ پاران ميرپور ساڪري ڀرسان ديهه ماسودي جي ڪيل سروي مطابق سمنڊ تيزي سان ان ديهه جي زمين ڳڙڪائڻ شروع ڪئي آهي جنهن ۾ پوکي هيٺ ايندڙ زرخيز زمين به شامل آهي. سمنڊ جي پاوت جي ڪري ماسودي ڊسٽري جو ڳچ حصو سمنڊ حوالي ٿي ويو آهي جڏهن ته ان ڊسٽري مان نڪرندڙ ڪيترائي واٽر ڪورس به سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي. سمنڊ جي پاوت سبب ان علائقي جي رستن، چارن ۽ پيچرن جا به ڪيترائي حصا سمنڊ برد ٿي ويا آهن جنهن سبب اتان جي ماڻهن کي اچ وڃ لاءِ به وڏي مشڪلات مان گذرڻو پوي ٿو. ان کانسواءِ کاروڇاڻ ۽ ٻين علائقن ۾ به سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي بئراج مان گهربل پاڻي هيٺ نه وڃڻ جي ڪري سامونڊي پاڻي ٺٽو سجاول پل کان اڳتي وڌي ويو آهي. سمنڊ جي پاوت جي ڪري ڪيترائي ڳوٺ خطري هيٺ اچي ويا آهن. علائقي جي هڪ زميندار سيد علي گوهر شاهه قدوساڻي ٻڌايو ته اڳ ۾ سندن پهريون ڳوٺ موجوده ڳوٺ کان ڪيترائي ڪلو ميٽر پري سمنڊ طرف هو جيڪو سامونڊي ويرن تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن سيد نواز علي شاهه جي نالي سان نئون ڳوٺ آباد ڪيو جيڪو پڻ هاڻي ٽن طرفن کان سمنڊ جي پاڻي جي گهيري هيٺ اچي ويو آهي. هن ٻڌايو ته ٻيا ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ سمنڊ جي گهيري هيٺ آهن جڏهن ته جيڪي ڳوٺ ذرخيز زمين ۾ موجود هئا اتان پڻ لڏپلاڻ شروع ٿي وئي آهي. هن ٻڌايو ته هن سال مٺو پاڻي واهن، ڪئنالن ۽ شاخن ۾ نه اچڻ جي ڪري سندن هزارين ايڪڙ زمين غير آباد پيل آهن جڏهن ته ٻئي طرف سمنڊ جي پاوت جي ڪري هو سخت خطري واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن ٻڌايو ته سمنڊ جي اڳتي وڌڻ جو سبب دريائي پاڻي جي کوٽ ۽ ان جو سمنڊ ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ آهي.