ڪوٽڙي: پيرا ميڊيڪل عملي جو 21 هين ڏينھن به او پي ڊي جو بائيڪاٽ، مريض دربدر

0
154

ڪوٽڙي(ن پ ا) پيرا ميڊيڪل عملي پاران اڄ 21 هين ڏينھن تي او پي ڊي جو بائڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو، ڪچن ملازمن کي پڪو نه ڪرڻ خلاف پيرا ميڊيڪل عملي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ۽ بلاول ميڊيڪل اسپتال جي او پي ڊي جو 2 ڪلاڪ بائڪاٽ ڪري اسپتال اندر احتجاج ڪيو ۽ اسپتال انٺظاميا خلاف سخت نعري بازي ڪئي. اڳواڻن مسعود ميراڻي، پير بخش عمراڻي، ارشد قريشي، قيوم راھوجو، سلمان شورو ۽ ٻين پاران مطالبن جي حل لاءِ احتجاج جاري رکڻ جو عزم ڪيو، سندن چوڻ آهي ته سالن کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي، نين ڀرتين ۾ به سالن کان ڪم ڪندڙ ڊيلي ويجز ملازمن کي نظر اندز ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته نيون ڀرتيون رد ڪيون ٿا سي ايم سنڌ سميت ٻين اختيارين کان مطالبو آهي ته سالن کان ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو، جڏهن ته او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ سبب ڪيترائي مريض ۽ سندن وارثن کي پريشانين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.