ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور ويجهو گهر تي هٿياربندن جو حملو، فائرنگ ۾ ننڊ ستل ڳوٺاڻو قتل، لاش جو پوسٽ مارٽم نه ٿيڻ تي وارثن جو سنڊس هاءِ وي تي ڌرڻو، وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر نه آهي ته همراهه کي ڪنهن قتل ڪيو. خبر موجب ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ڇني واهه وٽ ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ نامعلوم ھٿياربندن رات جي وقت گھر تي حملو ڪري ننڊ ستل ڳوٺاڻي خاوند بخش سولنگي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڪشمور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال کڻائي آئي، جتي ڊاڪٽر نه ھئڻ ڪري ڪيترائي ڪلاڪ لاش پيل رهيو، ان ڏس ۾ گهڻي دير ٿيڻ سبب مقتول جي وارثن اسپتال جي مک گيٽ آڏو احتجاج ڪندي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. وارثن دانھيندي چيو ته ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش کڻي آيا آهيون پر اسپتال ۾ ڪو به ڊاڪٽر موجود ناهي، بعد ۾ ايس ايچ ڌرڻي واري هنڌ پهچي وارثن کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو، بعد ۾ ڊاڪٽر جي اچڻ کانپوءِ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ هو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، خبر ناهي ڪنهن گهر تي حملو ڪري همراهه کي قتل ڪيو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.