ڪوٽڙي: لوڻي ڪوٽ ويجهو روڊ حادثو، هڪ انجنيئر فوت، ٻيو زخمي

0
252
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار
بھاولپور ڀرسان ڪوچ سان خوفناڪ حادثو، ٻارن سوڌو 20 مسافر سڙي اجل جو شڪار

ڪوٽڙي(ن پ ا) لوڻي ڪوٽ لڳ ايم نائن موٽروي تي حادثو، ڪار ۽ آئل ٽينڪر جي وچ ۾ ٿيل حادثي سائيٽ ڊپارٽمينٽ جو اسسٽنٽ انجنيئر فوت، هڪ انجنيئر زخمي ٿي پيو، ڪراچي جا رهائشي ٻئي انجنئر ڪوٽڙي جي ٽريٽمينٽ پلانٽ تي ڊيوٽي لاءِ اچي رهيا هئا ته لوڻي ڪوٽ لڳ چوڪي نمبر 12 وٽ حادثي جو شڪار ٿيا، حادثي ۾ 35 سالاانجنئر حميد علي خانزاده موقعي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته 35 سالا انجنيئر محمود خانزاده حادثي ۾ سخت زخمي ٿي پيو، ٻئي انجنئر سائيٽ کاتي ۾ انوائرمينٽ ٽريٽمينٽ پلانٽ ڪميٽي جا ميمبر هئا، فوتي ۽ زخمي کي ڄامشورو لمس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس آئل ٽينڪر کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.