پي ڊي ايم جا دائرا ۽ ناڪيلي

0
500

گڏيل مخالف ڌر جيڪا هاڻي ٿوري منتشر ٿي وئي آهي يارنهن جماعتن مان ٻن جماعتن جي نڪرڻ کان پوءِ هاڻي به نون جماعتن جو اتحاد موجود آهي استعيفائن ڏيڻ جي معاملي تي اختلاف ٿيڻ کان پوءِ پ پ پ ۽ اي اين پي جي ڌار ٿيڻ تي اهو امڪان ڪافي حد تائين پختو ٿيندي نظر آيو هو ته هاڻي پي ڊي ايم پنهنجي اندروني رڪاوٽن کي هٽائي ڪمزوريءَ کان ٻاهر نڪري هڪ اهڙو سگھارو اتحاد بڻجي سامهون ايندو جيڪو عمران سرڪار کي تمام گھڻي مشڪل ۾ وجھندو، چڱو خاصو لوڏو ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندو،
ممڪنات جي حد تائين چڱي خاصي ڪايا پلٽ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، ليڪن معاملو شطرنج جي اهڙين چالن جي حڪمتِ عملين ۾ نظر آيو جنهن ۾ مخالف جي بادشاھه کي هلڪي ڦلڪي“ شھه ” ڏيڻ جي چال ڏيڻ جو به ڪوئي داءُ پيچ نظر نه آيو، ها البته جيڪڏهن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ آيو ته صرف هيءُ ته هاڻي سليڪٽر پنهنجي سليڪشن تي پريشان آهن. پ پ پ پي ڊي ايم کي جنهن طريقي سان حقارتي انداز سان ٺڪرايو يا شوڪاز کي ڦاڙي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽي ڪيو انهيءَ تي جيترو مٿس تنقيد ڪرڻ جي بجاءِ سمجھائڻ جو لب لهجو ۽ ناراضگي ڪئي وئي انهيءَ جي موٽ ۾ پ پ پ مثبت جواب ڏيڻ مناسب نه سمجھو، رهندو پي ڊي ايم جي قيادت کي چيو ته هو شوڪاز ڏيڻ جي غلطيءَ کي تسليم ڪري ۽ پاڻ معافي وٺي. ساڳيو ئي انداز اي اين پي جو به رهيو آهي پر انهيءَ جي باوجود مخالف ڌر پنهنجي اندروني ۽ مفاداتي ٽڪرائن ، طعنن تنڪن هڻڻ جي باوجود عمران سرڪار جي خلاف ڪيترن ئي اشوز تي گڏ نظر اچي ٿي پر پي ڊي ايم جنهن وڏي تمتراڪي سان چيو هو ته هاڻي پ پ پ جي رڪاوٽن کان پوءِ هو تحريڪ هلائي ڏيکاريندا اها تحريڪ هلڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر چر پر ۾ به نظر ڪو نه ٿي اچي. پي ڊي ايم جي جلسن ڪرڻ جي سرد جنگي حڪمتِ عملي به مڪمل طور تي سرد بڻجي چڪي آهي، الٽو استعيفائن جي ڳالھه ڪندڙ پي ڊي ايم ننڍن چونڊين ۾ سر ڌڙ جي بازي لڳائي حصو پئي وٺي ۽ خاص ڪري ن ليگ پوري پي ڊي ايم کان وڌيڪ سرگرم آهي. وفاقي سرڪار کي داٻا ۽ ڌمڪيون ڏيندڙ مخالف ڌر اهو ڏسندي ئي رهجي ويندي جو وفاقي بجيٽ پاس ٿي ويندي توڙي جو وزير اعظم جي دعوت ۾ ق ليگ ۽ سندس پارٽيءَ جا ڪجھه ايم اين اي شريڪ نه ٿيا هئا.
جهانگير ترين جي اختلافن ۽ ڪمزورين جي باوجود بجيٽ ته پاس ٿي ويندي پر اهي ڌمڪيون عوام ۾ ڪهڙو اثر ڇڏينديون جيڪي ن ليگ ۽ پ پ پ ڏينديون رهيون آهن ته بجيٽ پاس ڪرڻ نه ڏينداسين. هاڻي اپوزيشن اهڙي پوزيشن تي پهتي آهي جتي حڪومتي تنقيد پنهنجو وڌيڪ اثر ڏيکاري ٿي هن ملڪ جي تاريخ جي هيءَ پهرين حڪومت آهي جنهن کي رڳو مخالف ڌر سليڪٽيڊ نٿي چئي ميڊيا جو هڪ سنجيده حلقو به انهيءَ راءِ جو قائل آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ عالمي سطح تي به هن حڪومت جي لاءِ اهڙوئي مليل جليل رويو ۽ رجحان آهي. ان جي باوجود ڪمزور پرن سان اڏامندڙ هي حڪومت پنهنجي وقت جي پوري اڏام ڪندي نظر پئي اچي ۽ طاقتور اپوزيشن تاريخ جي بدترين ڪمزورين جو مظاهرو ڪندي نظر آئي آهي. هي سوال تمام گھڻي اهميت اختيار ڪري چڪو آهي ته ڇا پي ڊي ايم يا مخالف ڌر پنهنجي جماعتي ساخت ۾ ڪمزور آهن يا انهن پنهنجي لاءِ پنهنجي سياست جا مخصوص دائرا ڪڍيا آهن، جن کان اڳتي وڌڻ جي لاءِ هو ڪنهن به صورت ۾ تيار ناهن. انهيءَ سان گڏوگڏ هي پهلو به آڏو رکڻ گھرجي ته ڇا مخالف ڌر خاص ڪري ن ليگ کي ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ طاقتور هٿن ناڪيلي وڌي آهي ڇو ته جڏهن اُٺُ پنهنجي طاقت ۽ مستيءَ جو مظاهرو ڪندو آهي انهيءَ جي وجود کي قابو رکڻ جي بجاءِ صرف نڪ ۾ ناڪيلي وجھڻ ڪافي هوندي آهي ۽ اها ناڪيلي هن جي هلڻ ، ڀڄڻ ، رڪجڻ ۽ ويهڻ تي ڪنٽرول ڪندي پوري طاقتور وجود کي قيد ڪري ڇڏيندي آهي. اهڙي طرح سان سياست جي اندر جڏهن آزاداڻي عمل جو اظهار ناهي ٿيندو تڏهن اهو ٺيڪ طرح سان سمجھڻ گھرجي ته اها سياست يا ته ڪنهن ناڪيليءَ ۾ قيد آهي يا وري انهيءَ جا مخصوص دائرا آهن جن کان اڳتي وڌڻ هنن لاءِ نه رڳو ناممڪن هوندو آهي پر هو پنهنجي لاءِ خود وڏو نقصان تصور ڪندا آهن. پاڻ ڪيترن ئي مضمونن ۾ اهو بحث ۽ نقطو زير بحث آڻي چڪا آهيون ته سياست جي تضادن کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ هڪ حد تائين ممڪن آهي انهيءَ کان وڌيڪ انهيءَ تي ڪنٽرول نٿو ڪري سگھجي. پاڻ هي به بحث ڪندا رهيا آهيون ته رولنگ ڪلاس مفاداتي سياست ڪندي ڪندي ٽڪرائن جي اهڙن حدن تائين پهچندو آهي جتان ان کي واپس اچڻ موت جي برابر محسوس ٿيندو آهي. تاريخ جي ارتقا جو بنياد اهوئي رهيو آهي پر هن وقت صورتحال اتي پهچي چڪي آهي جتي سياسي تضاد ٽڪراءَ جي صورت اختيار ڪندي وري سرد مهريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا يا جيڪڏهن هينئن چئون ته انهن ٽڪرائن کي باربار سرد ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ٿي. ن ليگ هن وقت پي ڊي ايم جي اندر واحد ليڊنگ ڪندڙ طاقتور جماعت آهي، مولانا جيتري به تحريڪي طاقت رکي ٿو انهيءَ ۾ ايترو دم خم آهي ئي نه جو هو هن پوري معاملي جي ڪايا پلٽ ڪري، نه هن وٽ ايتري افرادي طاقت آهي ۽ نه پيسي جي طاقت. ها ن ليگ وٽ اهي ٻئي شيون موجود آهن پر هو صرف ڌمڪين ۽ بيانن کان وڌيڪ ڪجھه به ڪري ڏيکارڻ جي لاءِ تيار ناهي. ن ليگ هي به سمجھي ٿي يا سياست جا ڄاڻون ۽ تجزيي نگار به انهيءَ راءِ جا قائل آهن ته هن وقت جيڪڏهن پي ڊي ايم پنهنجي طاقت سان تحريڪ کي اڳتي وڌائي ٿي ته حڪومت جي لاءِ انتهائي ڏکيو ۽ امتحاني دور اچي ويندو ۽ هي به ممڪن آهي ته ان تحريڪ جي نتيجي ۾ نه رڳو حڪومتي اتحاد ڪمزور ٿئي پر خود پي ٽي آءِ جي اندر ٿيندڙ ڀڃ ڊاھه وڌي وڃي. انهيءَ جي باوجود ن ليگ تحريڪي قدم وڌائڻ جي لاءِ پي ڊي ايم کي سرگرم نٿي ڪري ۽ نواز شريف جو سخت بيانيو خاموش حڪمتِ عمليءَ ۾ تبديل ٿو ٿيندو وڃي.
ڇا هو هن سال جي اندر ڪن وڏين تبديلن يا ڪجھه شخصيتن جي عهدن جي ريٽائرڊ ٿيڻ جو انتظار پيا ڪن يا وري انهيءَ خوف ۾ آهن ته شديد ٽڪراءَ ۾ اچڻ کان پوءِ سليڪٽر طاقتن وٽ پ پ پ سان ٺهڻ جو امڪان وڌي ويندو. ن ليگ کي اها به خبر آهي ته جيڪي هن کي بند گھٽيءَ ۾ بيهارڻ جي طاقت رکن ٿا انهن جي حڪمتِ عمليءَ ۾ جيڪڏهن ايندڙ اليڪشن تي جھرلو ڦيرائڻ جي پاليسيءَ هوندو ته ان کي روڪڻ تمام گھڻو ڏکيو آهي ۽ ايندڙ وقت يا ايندڙ اليڪشن کان پوءِ ٻيهر انهن الزام تراشين ۾ ڪو به دم خم نه رهندو ڇو ته جڏهن به ڪا زيادتي طاقتور انداز ۾ غالب ٿي ويندي آهي ته انهيءَ تي تنقيد انتهائي ڪمزور کان ڪمزور صورت اختيار ڪندي آهي، ان جو مقابلو صرف ۽ صرف ٽڪرائن سان ئي ڪري سگھبو آهي ۽ انهن ٽڪرائن جي نتيجن کان هي ڊرائنگ رومي ليڊر ڀلي ڀت واقف آهن. کين خبر آهي ته تحريڪون رڳو اقتدار کي ويجھو نٿيون آڻن پر سماج جي اندر وڏيون تبديليون پيدا ڪنديون آهن ان کان وڌيڪ تبديليون پارٽين جي اندر اينديون آهن. تنهن ڪري ن ليگ جيڪي حڪمتِ عملي اختيار ڪندي نظر پئي اچي اها ته دعوت جي تنقيد به ڪرڻي آ ۽ کاڌي مان هٿ به ناهي ڪڍڻو. هو پ پ پ جي لاءِ هاڻي ڪو به گرائونڊ خالي ڇڏڻ نٿي چاهي. نظر هي پيو اچي ته ايندڙ وقت ۾ ن ليگ جو مقابلو پي ٽي آءِ سان نه پر پ پ پ سان ٿيندو. اسٽيبلشمينٽ جون خاموش چالون ٻڌائين پيون ته مستقبل جي گيم ۾ ڪهڙا ڪهڙا پتا شو ٿيندا، انهيءَ جو علم ن ليگ کي آهي. تنهن ڪري هو جوڙتوڙ ۽ سيڪريٽ ڊيل جي حڪمتِ عمليءَ تي سنجيندگي سان ڪم ڪندي نظر پئي اچي.
پاڻ هي به سمجھون پيا ته اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ٺاھه جو بهترين ۽ سٺو آپشن ن ليگ ئي آهي پ پ پ پنهنجي ڪيتري به وفاداري ۽ خدمتگاري ڏيکاري انهيءَ کي استعمال ته ڪندا پر ٺاھه ن ليگ جو ئي ٿيندي نظر پيو اچي، جنهن لاءِ پورو ماحول تيار ٿي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ وڌيڪ ٿيندي نظر ايندو. سياست جا دائرا ۽ ناڪيليون ٻڌائين ٿيون ته ڪنهن کي ڪيستائين وڌڻو ۽ ڪرڻو آهي، خود رولنگ ڪلاس کي پنهنجي لاءِ پوري پوري ڄاڻ آهي ته هو ڇا ڪري۽ هن جو مفاد ڇا ۾ آهي. آخر ۾ هي نقطو پاڻ کي ٺيڪ طرح سان ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته سياسي پارٽيون ڪمزور ناهن ٿينديون پر انهن کي ڪمزور رکڻ جي حڪمت عملي شعوري بنيادن تي انهن جي قيادت جوڙيندي آهي ۽ انهيءَ تي عمل ڪندي آهي.