مقدس ايوانن جو احترام ۽ چونڊيل نمائندن جو ڪردار

0
239
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

قومي اسيمبلي توڙي جو ڪالهه بجيٽ پاس ڪري ڇڏي آهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ اتي ٿيل واقعي ۽ وري سنڌ اسيمبلي ۾ ٻن ڏينهن کان ٿيندڙ واقعن هڪ طرف ميمبرن جي غير سنجيدگي کي ظاهر ڪيو آهي ته ٻنهي ايوانن جي تقدس کي به پامال ڪيو آهي. پارلياماني جمهوري نظام ۾ پارليامينٽ سڀني کان وڌيڪ سپريم ۽ مقدس ادارو سمجهيو ويندو آهي پر ويجهڙ ۾ انهي پارليامينٽ جي جيڪا بي توقيري انهي جي پنهنجي چونڊيل ميمبرن ذريعي ٿي رهي آهي ٻيو ڪير ان جو تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهي ٻئي واقعا ڪنهن عام رواجي يا روايتي اجلاسن دوران نه ٿيا آهن پر بجيٽ جهڙي اهم سيشن دوران ٿيا آهن،جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهي بجيٽ بابت چونڊيل ميمبر ڪيترو سنجيده آهن.
بجيٽ اجلاس دوران قومي اسيمبلي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪاري ڌر جي ميمبرن مخالف ڌر جي ميمبرن کي گاريون ڏنيون جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين جي ميمبرن هڪٻئي تي بجيٽ جي ڪاپين سان حملا ڪيا ايوان ڄڻ ميدان جنگ بڻيل هو. اهڙي واقعي کانپوءِ اسپيڪر ٻنهي ڌرين جي 7 ميمبرن جي اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي جيڪا بعد ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ۾ ڳالهين کانپوءِ اها پابندي ختم ڪئي وئي. هاڻي وري اهڙو ئي هڪ واقعو سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ سان لاڳاپيل ميمبر “جمهوريت جو جنازو ” وارو بينر ٺهرائي ايوان اندر کٽ تي کڻي آيا ۽ اجلاس جي ڪارروائي دوران گوڙ گهمسان ڪيو، اسيمبلي جي سيڪيورٽي اسٽاف جڏهن اسپيڪر جي حڪم تي اها کٽ ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن ميمبرن جون انهي اسٽاف سان به چڪريون ٿيون. جنهن ڪري سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر انهي واقعي ۾ ملوث 8 ميمبرن جي ايوان اندر داخلا تي پابندي هڻي ڇڏي. ٻئي ڏينهن تي وري پابندي پيل اسيمبلي ميمبر دهل شريانين وارن کي ساڻ ڪري اسيمبلي جي گيٽ تي پهچي ويا ۽ ڪجهه ميمبر ته گيٽ بند هجڻ سبب اهو گيٽ ٽپي اندرداخل ٿيڻ جي ڪُشش ڪئي. هي ٻئي واقعا ۽ ميمبرن جي اسيمبلي ۾ داخلا تي پابندي وارا فيصلا بجيٽ سيشن دوران ٿيا. هڪ طرف عوام جي زندگي، ملڪي ۽ صوبي جي ڪاروهنوار سان لاڳايپل اهم معاملو هو ته ٻئي طرف عوام جي ووٽن سان چونڊجي انهي اسيمبلي ۾ پهتل ميمبرن جو رويو هو. انهن جي رويئي مان ايئن ٿو لڳي ته نه ئي انهن کي عوام جي ووٽ جو ڪو احترام آهي،نه ئي انهن جي مسئلن سان دلچسپي ۽ نه ئي وري مقدس ايوانن جي تقدس جو ڪو خيال. پارلياماني جمهوري نظام ۾ چونڊيل ميمبرن جو اهم ڪردار هوندو آهي، عوامي مسئلن تي سرڪار ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ۾ تکائي مٺائي جهڙا واقعا به ٿي ويندا آهن پر ايوان جي تقدس کي پامال ڪرڻ خود انهن ميمبرن جي بي توقيري آهي. سرڪار تي تنقيد ته مخالف ڌر جو حق آهي ۽ انهن جي پاليسين خلاف احتجاج ڪرڻ به انهي جمهوريت ۾ جائز آهي جنهن سان هو پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪري سگهن پر جڏهن مقدس ايوان جي بي توقيري ٿيندي ته انهن جي آواز جي ڪا اهميت نه رهندي ۽ ڪمزور رهندو ڇاڪاڻ ته انهي ايوان جي ڪري ئي انهن جو آواز سگهارو ٿيندو آهي.مخالف ڌر جي ميمبرن جي اها ذميواري آهي ته اهي حڪومت جي پاليسين کي رد ڪن پر سندن اهو به فرض آهي ته متبادل تجويزون به پيش ڪن.اجلاس اندر انهن پاليسين تي تنقيد ٿيڻ گهرجي، اجلاس ۾ ٻڌائڻ گهرجي ته بجيٽ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون عوام جي لاءِ نقصانڪار آهن رڳو احتجاج ڪرڻ سان عوام جي نمائنگي جو حق ادا نه ٿو ڪري سگهجي. ايئن ئي حڪومتي ڌر کي به پنهنجي پاليسين ۽ ڪمن تي تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو پيدا ڪرڻ گهرجي جيڪا ئي جمهوريت جي نشاني آهي.
اسان سمجهون ٿا ته هنن ٻنهي واقعن سان اسيمبلي جي بي توقيري ٿي آهي ۽ اها به انهي جي چونڊيل نمائندن جي ڪري جيڪي انهي پارليامينٽ جي تقدس جا ضامن ۽ محافظ آهن.جڏهن ملڪ جي سڀني کان وڌيڪ سپريم اداري ۾ ويٺل چونڊيل نمائندن جو بجيٽ اجلاس ۾ اهڙو رويو هوندو ته ملڪي معاملن ڏانهن عام ماڻهو ڪهڙو رويو اختيار ڪندا. تنهن ڪري چونڊيل ميمبرن کي پنهنجي ادارن جي تقدس جو خيال ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عوام کين ليڊر ۽ رهنما سمجهي ووٽ ڏئي کين انهن ايوانن تائين پهچايو آهي.