ڪولاب جيئل (ن پ ا) ڪولاب جيئل ڀرسان ڳوٺ منگھن اڄڻ واسي مشھور نعت خوان، شاعر ۽ سگھڙ فقير نواب علي اڄڻ گھڻو عرصو ڪاري ڪامڻ ۾ مبتلا رھڻ بعد گذريل ڏينهن سول اسپتال خيرپور ۾ ستر سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم جي وڇوڙي تي نعت خوانن، شاعرن ۽ سگھڙن ڏک جو اظھار ڪيو آھي.