ڪورونا ۾ واڌ: حڪومت مٿان تنقيد، احتياطي اپائن تي عمل ڪرڻ جي اپيل

0
235

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر زور وٺندي پئي وڃي، ملڪ ۾ ڪورونا صورتحال بابت انگ اکن موجب گذريل ڏينهن 151 متاثر فوت ٿي ويا ان کان اڳ رڪارڊ 201 فوتگيون ٿيون، اهڙي صورتحال سبب سوشل ميڊيا تي به بي چيني رهي، خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته جيڪڏهن ڪورونا ايس او پيز تي عمل نه ڪيو ويو ته پاڪستان جي صورتحال ڀارت جهڙي ٿي ويندي. ڪجهه ڏينهن کان ڀارت ۾ روزانو 3 لک کان وڌيڪ ڪورونا ڪيسز رپورٽ ٿي رهيا آهن ۽ هڪ ڪروڙ 76 لک متاثرن سان اهو دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ جو نئون مرڪز بڻجندو پيو وڃي، انڊيا ۾ ڪورونا وائرس جي ٻي لهر هنگامي صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي ۽ اتان جا متاثر آڪسيجن لاءِ پريشان آهن وينٽيليٽرز جي کوٽ ٿي چڪي آهي. پاڪستان ۾ جڏهن رڪارڊ فوتگيون ٿيون ته سوشل ميڊيا تي بي چيني ڏسڻ ۾ آئي، صارفين تيزي سان وڌندڙ ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ بابت حڪومتي انتظامن تي عوام غيرمطمئن نظر آيو، ڪجهه صارفين ان خوف جو به اظهار ڪيو ته ڪٿي پاڪستان ڀارت جهڙي صورتحال کي نه منهن ڏئي، سماجي ڪارڪن ماروي سرمد لکيو ته جتي آئون پنهنجي انڊين دوستن لاءِ دعاگو آهيان اتي آئون پنهنجي ملڪ لاءِ تمام گهڻو خوف محسوس ڪري رهي آهيان،هڪ ٻئي صارف لکيو ته اسان ڀارت جهڙي صورتحال جي ويجهو ٿي رهيا آهيون ۽ جلد اسان انڊيا جي مقابلي ۾ هونداسين، سوشل ميڊيا تي ماڻهو حڪومتي پاليسي تي گهڻا ڪاوڙيل نظر آيا هڪ صارف مڪمل لاڪ ڊائون جو مطالبو ڪندي لکيو ته نه لڳايو لاڪ ڊائون، الله نه ڪري اسان جو انڊيا وارو حساب ٿي وڃي خدا جو واسطو اٿئو لاڪ ڊائون لڳايو، جڏهن ته وفاقي وزير فواد چوڌري لکيو ته انڊيا ۾ ڪورونا جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي انڊيا ڏانهن اچ وڃ تي مڪمل پابندي لڳائي آهي جيڪو اپريل جي ٽئين هفتي کان لاڳو آهي ان تي مڪمل طور عمل ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪورونا جي صورتحال ۾ بهتري نه آئي ته پاڪستان اندر وڌيڪ سخت قدم کڻڻا پوندا ان لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. خليل نالي صارف لکيو ته ماڻهو اڃا به سنجيده ناهن ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن، ماڻهن کي اهو ڪورونا جو احساس ڏيارڻ لاءِ حڪومت عوام کي آگاهي ڏئي، شيري رحمان جتي اين سي او سي جي انگن اکرن تي پريشان نظر آئي اتي هن عوام کي ماسڪ پائڻ جو درست طريقو به ٻڌايو ۽ ماسڪ پائڻ جي اپيل ڪئي. هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب رڪارڊ فوتگيون ٿيون آهن، سڀني لاءِ دعا آهي ته وڌيڪ ڪنهن صدمي کي منهن نه ڏين،پر جيڪڏهن ماڻهن احتياطي اپائن تي عمل نه ڪيو ته ڪورونا وائرس ۾ گهٽتائي نه ايندي، ماسڪ پايو، پنهنجي کاڏي تي نه نڪ تي ماسڪ پايو، صحت بابت اڳوڻي خصوصي معاون ظفر مرزا لکيو ته پاڪستان لاءِ اهو بدقسمت ڏينهن آهي، رڪارڊ فوتگيون ٿيون آهن، جيڪڏهن ذميواري جو مظاهرو ڪريون ته اسان نقصان کان بچي سگهون ٿا، پر ماڻهو اڃا به ايس او پيز تي عمل نه ڪري رهيا آهن. اويس نالي صارف اين سي او سي جا انگ اکر شيئر ڪندي لکيو ته هي حڪومتي پاليسي جي ناڪامي آهي، حمدالله لکيو ته هڪٻئي تي رحم ڪريو، حمدان لکيو ته ماسڪ جو استعمال ڪيو وڃي، سماجي فاصلو رکيو وڃي، ڪجهه صارفين مولانا طارق جميل جي ڪپڙن جي برانڊ اسٽور جون تصويرون به شيئر ڪيون جن ماڻهن جي رش هئي، جنهن تي لکيو ويو ته برانڊ جي مفت سيل هجي يا نه مفت ڪورونا ضرور ملندو، شايد ڀارت کان سبق ناهي سکيو.