اشو آف دي ڊي اين اي 249 ڪراچي جي چونڊ: اسان کٽي وياسين کان اليڪشن چوري تائين سياسي دعوائون: سوشل ميڊيا تي دلچسپ تبصرا

0
285

ڪراچي جي قومي تڪ اين اي 249 تي ننڍي چونڊ ٿي وئي جنهن ۾ پهريان هر پارٽي پنهنجي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندي رهي، مبارڪن جو سلسلو به جاري رهيو پر بعد ۾ نتيجا اچڻ کانپوءِ مبارڪون اليڪشن چوري جي الزامن ۾ تبديل ٿي ويون، سوشل ميڊيا تي پارٽين ۽ اليڪشن جي حوالي سان دلچسپ تبصرا پڻ ٿيندا رهيا، سوشل ميڊيا تي سياسي پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۽ حامين ۾ به جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، هڪٻئي خلاف پوسٽون شيئر ڪري هڪٻئي مٿان تنقيد ڪندا رهيا. سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ کانسواءِ باقي سڀ اليڪشن کٽي ويا، اڪثر ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪندا رهيا. هونئن ته ڪنهن به چونڊ ۾ ڪنهن هڪ اميدوار يا سياسي پارٽي کي ئي فتح جو جشن ملهائڻ گهرجي پر صورتحال ان وقت دلچسپ ٿيڻ لڳي آهي جڏهن هڪ کان وڌيڪ اميدوارن کي ايئن لڳندو آهي ته اهي کٽي رهيا آهن يا کٽي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ ڪجهه اهڙو ٿيو، اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ 4 وڏن اميدوارن اليڪشن ڪميشن پاران نتيجن ۾ دير تي پنهنجي پنهنجي فتح جون دعوائون ڪيون، پر بعد ۾ غيرحتمي ۽ غيرسرڪاري نتيجن موجب پ پ اميدوار قادر خان مندوخيل 16156 ووٽ حاصل ڪري ميدان ماري ورتو جڏهن ته نواز ليگ جو مفتاح اسماعيل 15473 ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آيو. ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) جو نذير احمد 11125 ووٽ کڻي ٽئين نمبر تي آيو، پاڪ سر زمين پارٽي جو چيئرمين مصطفيٰ ڪمال 9227 ووٽ کڻي چوٿين نمبر تي آيو جڏهن ته وفاقي حڪمران پارٽي پاڪستان تحريڪ انصاف جو امجد آفريدي 8922 ووٽن سان پنجين نمبر تي آيو. ڄاڻايل سيٽ اڳوڻي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي استعيفا سبب خالي ٿي هئي. بظاهر پي ٽي آءِ ئي اهڙي جماعت آهي جنهن چونڊ ۾ ڪاميابي جي دعويٰ نه ڪئي ۽ ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو ته پي ٽي آءِ چونڊ نتيجن کي رد ڪري ٿي، اليڪشن ڪميشن ۽ پوليس ذريعي ڌانڌلي ڪئي وئي.
چونڊ نتيجن جي اچڻ جي شروعات ٿي ته مبارڪن ۽ ڪاميابي جي دعوائن جو سلسلو به شروع ٿي ويو، 29 اپريل تي ووٽنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهيو ووٽر ٽرن آئوٽ صرف 21.64 سيڪڙو رهيو، غيرحتمي ۽ غير سرڪاري نتيجا نواز ليگ جي پاسي نه هئا پر پوءِ مريم نواز مفتاح اسماعيل کي کٽڻ جي مبارڪ به ڏئي ڇڏي، مريم نواز ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ڪراچي خاص طور اين اي 249 جو دل سان شڪريو ادا ڪريون ٿا ته انهن نواز شريف ۽ نواز ليگ کي ووٽ ڏنو، مفتاح اسماعيل کي پنهنجو نمائندو چونڊيو آهي. جڏهن ته 273 پولنگ اسٽيشنز جا نتيجا دير اچڻ تي مريم نواز لکيو ته نواز ليگ جي چونڊ چورائي وئي، اها ڪاميابي مستقل طور تي واپس نواز ليگ وٽ ايندي، اها اسان سڀني لاءِ سڀ کان وڏي فتح آهي، عوام جي جاڳڻ جي به مهرباني، اوهان جو ووٽ چوري ڪندڙ جلد اوهان جي ڪٽهڙي ۾ هوندا، بعد ۾ نواز ليگ نتيجا چيلنج ڪرڻ جو به اعلان ڪيو، پي ايس پي چيئرمين مصطفيٰ ڪمال جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن کي چوان ٿو ته هن بدمعاشي کي ختم ڪيو وڃي، اسان 4282 ووٽ کڻي سڀني کان اڳتي آهيون، هن وقت اسان نمبر ون پارٽي آهيون، هي سڄو ڊرامو ڏسي رهيا آهيون. ٽوئيٽر تي هڪ ٽرينڊ به هلايو ويو جنهن ۾ اين اي 249 جي ننڍي چونڊ ۾ ڪالعدم ٽي ايل پي جي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي وئي.پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي پارٽي جي ڪاميابي تي ڪراچي جي عوام جا ٿورا مڃيا.
اهڙي صورتحال ۾ سوشل ميڊيا تي مختلف تبصرا ٿيندا رهيا، صحافي امداد علي سومرو لکيو ته ڪير کٽي رهيو آهي ڪير هارائي رهيو آهي پر مريم نواز کان مصطفيٰ ڪمال تائين سڀ اليڪشن کٽڻ جون دعوائون ڪري رهيا آهن. صحافي حامد مير لکيو ته اليڪشن ڪميشن ته ڪمال ڪري ڇڏيو، 29 اپريل شام 5 وڳي اين اي 249 جي پولنگ بند ٿي، 11 ڪلاڪ گذرڻ بعد به پورو نتيجو ناهي آيو، دير پوري دنيا کي پڪ ڏياري ٿي ته اين اي 249 ۾ سڀ هارائي ويا، ڌانڌلي بيگم سحري بعد کٽي وئي. نوشين يوسف لکيو ته چونڊ تڪراري ٿي چڪي آهي، اعلان ختم، غريده فاروقي لکيو ته سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ به پ پ نواز ليگ کان سيٽ کسي ورتي ته باپ کانپوءِ هاڻي پاپ لڳندو. خاور گهمن لکيو ته اڄوڪي اليڪشن کانپوءِ پي ٽي آءِ کي ڪجهه سکڻ گهرجي پارٽي حڪومت ۾ هوندي به پنهنجو اميدوار هارائي وڃي ته قصور حڪمران جو هوندو آهي. شاهد حيات لکيو ته هن اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ سڀ کٽي ويا. يوسف نالي صارف لکيو ته ايئن صرف پاڪستان ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته ڪالعدم جماعت ٽي ايل پي کي حڪمران جماعت پي ٽي آءِ کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن، ان مان پتو پوي ٿو ته اڍائي سالن ۾ پي ٽي آءِ ڪيترو هيٺ اچي چڪي آهي. ماريه ميمڻ لکيو ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته شفاف اليڪشن کي يقيني نٿي بڻائي سگهي؟ عام چونڊن ۾ ڇا ٿيندو؟
سياسي پارٽين جي اڳواڻن توڙي ڪارڪنن ۽ حامين ۾ سوشل ميڊيا تي جملن جي ڏي وٺ ٿيندي رهي، احسن اقبال پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اليڪشن 2018ع ۾ پي ٽي آءِ 35344 ووٽ کنيا نواز ليگ 34626 ووٽ کنيا فرق 718 ووٽن جو هو، اليڪشن 2021ع ۾ پ پ 16156 ووٽ کنيا نواز ليگ 15437 ووٽ کنيا فرق 683 ووٽ جو آيو، ڪيڏو نه حسين اتفاق آهي مسلم ليگ نواز خلاف، طريقه واردات به ساڳئي، شڪست جو مارجن به ساڳيو، نواز شريف جو خوف ڳالهائي رهيو آهي.پرويز رشيد لکيو ته بيٽ بازي بعد جڏهن تير اندازي به شير کي قابو نه ڪري سگهي ته آخرڪار هيراڦيري جو سهارو ورتو ويو، ڊسڪا اليڪشن ۾ شڪست کانپوءِ ڪراچي ڪچري کي کڻڻ کان اڳ ئي ميرن ڪپڙن کي وڌيڪ بدبودار ڪيو ويو. مريم نواز لکيو ته اين اي 249 ۾ نواز ليگ جو اليڪشن چوري ڪيو ويو آهي، ووٽ کي عزت ملي رهي آهي ۽ ملندي رهندي، اها سيٽ جلد واپس ن ليگ وٽ ايندي، ناصر شاهه کيس جواب ڏيندي لکيو ته اوهان وٽ اليڪشن ڪميشن وٽ وڃڻ جو حق آهي، اوهان ان کي ضرور استعمال ڪريو پر پهريان هڪٻئي کي سليڪٽڊ پي ٽي آءِ کي وڌيڪ خواري ملڻ تي مبارڪون ڏيون ٿا. اسان جا اختلاف پنهنجي جاءِ تي آهن پر اسان جو مقصد هڪ آهي اوهان جي ڪاميابي سڄي اپوزيشن جي ڪاميابي آهي اچو ته ان جو جشن ملهايون. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لکيو ته چونڊ کٽڻ تي پ پ ڪراچي ڊويزن کي مبارڪون، هڪ تير سان ايڏا شڪار، ڪراچي ڪنهن جو؟ ڀٽو جو، بلاول پاران ذوالفقار ڀٽو جي تصوير به شِيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هو نئين ٺهندڙ مزار قائد سامهون عوام کي خطاب ڪري رهيو آهي.آفتاب شيرپائو لکيو ته پي ٽي آءِ کي هڪ ٻي ناڪامي ملي، انهي طريقي سان عام چونڊن ۾ به پي ٽي آءِ کي شڪست ملندي. پي ايم ايل پاران شهباز شريف جو بيان به شيئر ڪيو ويو جنهن ۾ شهباز شريف چيو آهي ته مفتاح اسماعيل جي ڪاميابي ۽ سندس ووٽن جي برتري ڪيئن گهٽ ٿي پوري پاڪستان اها ڏٺي، پورو يقين آهي ته اليڪشن ڪميشن انصاف ۽ شفافيت جون سموريون گهرجون پوريون ڪندو.