ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا تي ضابطو نه آيو: وڌيڪ 93 فوت، 2253 نوان ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ شرح گهٽجي 4.82 سيڪڙو تي پهتي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ ڪورونا 6 حياتيون کسي ورتيون، پرڳڻي ۾ 1209 ڪيس ظاهر ٿيا. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته هن وقت 23124 مريض علاج هيٺ آهن، 22139 مريض گهرن، 22 آئسوليشن سينٽرن ۽ 963 مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آھن، 903 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن مان 70 مريض وينٽيليٽر تي آھن، ڪراچي ۾ 452، حيدرآباد ۾ 92، سکر ۾ 64، سانگهڙ ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 35-35، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ 31-31، جيڪب آباد ۾ 30، بدين ۾ 27، مٽياري ۾ 24، گهوٽڪي ۾ 23، ٽنڊومحمد خان ۾ 23، ڪشمور ۾ 22، قمبر ۾ 14، دادو ۾ 12، لاڙڪاڻي ۾ 9، نوشهري فيروز ۾ 8، ڄامشوري ۽ شڪارپور ۾ 7-7، خيرپور ۾ 3، ٽنڊي الهيار ۾ 3 ۽ عمرڪوٽ ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آھي. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر محمد صديق ڪلهوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو ۽ وي سي جي پي اي عمران عباسي کي ڪورونا ظاهر ٿي آهي، جنهن بعد انتظامي بلاڪ ۾ اسپري ڪرايو ويو آهي، ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ ۾ وڪيل ڪليم الله بکراڻي فوت ٿي ويو، واضح رهي ته 4 ڏينهن دوران 5 فوتگيون ٿيڻ سبب شهر ۾ خوف پکڙيل آهي، هوڏانهن ٽنڊي محمد خان ڀرسان ڳوٺ ڀائي خان ٽالپر جو واسي پرائمري استاد 35 سالن جو نديم ٽالپر ڪالهه لمس ۾ فوت ٿي ويو. هوڏانهن سکر جي رھواسڻ 65 ورھين جي سڪينا زال لعل بخش ۽ پنوعاقل واسي 54 ورھين جو عطا حسين ولد الهورايو فوت ٿي ويا. ٻئي طرف وفاقي وزير شفقت محمود ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ رات 8 کان فجر 5 وڳي تائين گھران غيرضروري طور نڪرڻ تي پابندي تي عمل شروع ٿي ويو، ان ڏس ۾ گھرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سنڌ ۾ رات جو 8 وڳي کانپوءِ غيرضروري طور گھران نڪرڻ ۽ غيرضروري سرگرمين تي پابندي مڙهي وئي آهي، رات جو 8 وڳي کانپوءِ روڊن تي صرف انهن گاڏين کي نڪرڻ جي اجازت هوندي، جن سان ايمرجنسي هوندي يا ڪوضروري ڪم هوندو پر ايمرجنسي جي صورت ۾ به ڊرائيور سان گڏ صرف هڪ شخص ئي گاڏي ۾ ويهي سگھي ٿو، نوٽيفڪيشن موجب 10 ماڻهن جي ميڙ تي پابندي هوندي، گھرن ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ به 10 کان وڌيڪ ماڻهو شرڪت نه ڪري سگھندا، نوٽيفڪيشن موجب هوٽلون رات جو 12هين وڳي تائين کليل رهنديون، اتان رڳو ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري ٿي سگھندي، بيڪريون ۽ کير جا دڪان رات 12 وڳي تائين کليل هوندا، هوڏانهن ڪالهه هتي ڊي جي رينجرز افتخار چوڌري جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪورونا صورتحال، اينٽي انڪروچمينٽ آپريشن ۽ سول انتظاميا جي مدد سان مڪمل ٿيل ۽ زير تعمير پروجيڪٽس تي غور ويچار ڪيو ويو. رينجرز ترجمان موجب اجلاس ۾ ڪورونا ايس او پيز جي حوالي سان چيو ويو آهي ته حڪومتي حڪمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو. ترجمان موجب ڊي جي رينجرز چيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ امن امان جي بهتري لاءِ سنڌ رينجرز ڀرپور تعاون ڪندي، ٻئي پاسي تعليم کاتي پنهنجن سمورن ملازمن، آفيسرن ۽ استادن کي ڪورونا ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آھي. جاري ڪيل سرڪيولر موجب ملازم ۽ آفيسر ويڪسين سرٽيفڪيٽ لاڳاپيل اختيارين وٽ جمع ڪرائين، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير پوليس جي سمورن اهلڪارن ۽ آفيسرن کي ويڪسين ڪرائڻ جي هدايت ڪندي عمر جي حد ختم ڪري ڇڏي آهي .