ڪراچي: سنڌ ڪابينا پرڳڻي ۾ پاڻي کوٽ ۽ 91ع ٺاھ تي عمل نه ٿيڻ تي سخت احتجاج ڪندي ارسا چيئرمين جي عمل کي سنڌ دشمني قرار ڏئي ڇڏيو، وڏي وزير سيد مراد شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ پاڻي کوٽ سبب فصل تباھ ٿي ويا آهن، هاڻ ته پيئڻ لاءِ پاڻي به ناهي، ڪابينا وفاقي سرڪار کان گُهر ڪئي ته پاڻي جي ورهاست 91ع ٺاھ تحت ڪئي وڃي، کوٽ جي ورهاست به چئني صوبن ۾ هڪ جيتري ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ارسا جي ڪردار تي سخت تنقيد ڪندي چيو ويو ته ارسا 91ع واري ٺاھ تي عمل ڪرائڻ لاءِ جڙي هئي پر اها ، 91ع ٺاھ تي عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي آهي. ڪابينا ميمبرن وڌيڪ چيو ته پاڻي کوٽ سبب سنڌ جا هاري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪابينا تسليم ڪيو ته سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ آهي، انهي باوجود ٻين صوبن ۾ بدترين کوٽ پيدا ڪري پنجاب کي نوازيو پيو وڃي. ڪابينا پاران ارسااجلاس ۾ سنڌ جي نمائندي سان ارسا چيئرمين پاران ڪيل بدسلوڪي جي پڻ مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ آبپاشي وزير سهيل انور سيال بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ ارسا اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته تونسا_ پنجند ڪئنال نه کوليو ويندو پر ارسا چيئرمين غيرقانوني طور تي ڪئنال کوليو. ارسا اندر سنڌ جي نمائندي جي هڪ ڳالهه به نه ٿي ٻُڌي وڃي، ويتر ان کي ڌمڪايو وڃي ٿو. آئون آبپاشي جو وزير آهيان، اجلاس ۾ ٻين صوبن جي آبپاشي وزيرن کي ته گھرايو وڃي ٿو پر مون کي نٿو سڏايو وڃي.