ڪراچي( نمائندن وٽان) ڪورونا تي ڪنٽرول نه ٿيو، وڌيڪ 131 شهري فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5112 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح ٻيهر وڌي 10.41 سيڪڙو تي پهتي، ٻئي پاسي سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 12 مريض حياتيون وڃائي ويٺا. جڏهن ته 1115 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آھن. ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ٻڌايو ته هن وقت 14500 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 13888 گهرن، 7 آئسوليشن سينٽرن ۽ 605 مختلف اسپتالن ۾ آهن. 568 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آھي، جن مان 43 مريض وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا آھن. ڪراچي ۾ 415، حيدرآباد ۾ 273، گهوٽڪي ۾ 64، مٽياري ۽ شهيد بينظير آباد ۾ 45-45، لاڙڪاڻي ۾ 37، ٽنڊي محمد خان ۾ 29، سجاول ۾ 28، جيڪب آباد ۾ 22، بدين، ٺٽي ۽ شڪارپور ۾ 21-21، عمرڪوٽ ۾ 20، خيرپور ۾ 16، قمبر ۽ سکر ۾ 15-15، ميرپورخاص ۾ 14، ڪشمور ۾ 3، ڄامشوري، نوشهري فيروز، سانگهڙ ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 2-2 ۽ دادو هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آھي. ٻئي پاسي لمس حيدرآباد ۾ داخل مسلم سوسائٽي قاسم آباد جي رهواسي 73 سالن جي آفتاب شيخ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. سندس مڙهه ايڌي رضاڪارن معرفت غسل ڪفن بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل لاڙڪاڻي واسڻ مسمات درناز، نئون ديرو واسڻ نسيم سيٺار ۽ گهوٽڪي واسي غلام مصطفيٰ فوت ٿي ويا، هوڏانهن وڌيڪ 16 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي،ٻئي طرف سانگهڙ احساس ڪفالت پروگرام جو ڊوائس ھولڊر سڪندر علي پنھور ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو. هوڏانهن سکر جي قريشي ڳوٺ جي رهواسڻ 60 ورهين جي منظوران زال گل شير ۽ 65 ورهين جو رهواسي صلاح الدين ولد عبدالجبار فوت ٿي ويو، جڏهن ته روهڙي جي علائقي لونگ ڀٽي گرلز ڪيمپس هاءِ اسڪول جي انچارج نسرين بيگم، 2 ٽيچر زفائزه ۽ سحرش جي ٽيسٽ پازيٽو آئي ٻئي طرف ميرواھ گورچاڻي واسي العباس شگر ملز جو ليب اسسٽنٽ رائو تصور عادل راجپوت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو. ٻئي پاسي پنجاب سرڪار اڄ ڇنڇر ۽ آچر تي لاڪ ڊائون جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي ڏينهن بين الصوبائي ٽرانسپورٽ پڻ بند رهندي، هوڏانهن سنڌ جي صنعتن واري وزير ڄام اڪرام ڌاريجي چيو ته اين سي او سي پاران ڪراچي جي اوڀر ضلعي کي سيل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، هوڏانهن اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا سبب ڳڻتي جوڳي حالت ۾ مبتلا مريضن جو تعداد وڌي 5360 ٿي ويو، مريضن جو اهو تعداد گذريل سال جون مهيني ۾ ڪورونا سبب ڳڻتي جي حالت ۾ داخل مريضن کان 57 سيڪڙو وڌيڪ آهي، سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ گذريل سال آڪسيجن جي پيداواري صلاحيت 487 ٽن روزاني هئي، جنهن کي وڌائي 798 ٽن تي آندو آهي، گذريل سال جون ۾ آڪسيجن جي پيداوار 465 ٽن روزانو هئي، جڏهن ته هن وقت روزانو 725 ٽن پيداوار ٿي رهي آهي، هن چيو ته اسان گذريل سال 19200 آڪسيجن سلينڊر به گهرايا هئا، هيل مريضن جي تعداد ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ اضافي باوجود گذريل سال جي مقابلي ۾ هن ڀيري آڪسيجن جي سپلاءِ بهتر آهي، اين سي او سي 6 هزار ٽن آڪسيجن، 5 هزار سلينڊر ۽ 20 ڪرائيجينڪ ٽينڪس امپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ٻئي طرف وفاقي گهرو وزارت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، مختلف وفاقي وزارتن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي حڪومتن ۽ اسلام آباد جي انتظاميا کي 8 کان 16 مئي تائين “گهر ۾ رهو _محفوظ رهو” بابت تيار ڪيل پاليسي گائيڊ لائين تي عملدرآمد لاءِ لکت ۾ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، ڄاڻايل تاريخن دوران سموريون مارڪيٽون، شاپنگ مال، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ سياحتي ماڳ بند رهندا