ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي:مذهبي اڳواڻ تي 2 ڪروڙ ڏنڊ، 8 مهينا قيد

0
351

جڪارتا(دلچسپ نيوز) ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڙي ڪرڻ تي سڀ کان وڏي سزا، مذهبي اڳواڻ تي 2 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ۽ 8 مهينا قيد لڳي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب انڊونيشيا ۾ ناليواري مذهبي اڳواڻ رزاق شهاب کي وڏا ميڙاڪا ڪرڻ تي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس کيس مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو، جٿي جج ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي تي کيس سڀ کان وڏي سزا ٻڌائي ڇڏي. رزاق شهاب 2 ڪروڙ انڊونيشي رپيا ڏنڊ ڀرڻ کان علاوا 8 مهينا قيد ڪاٽيندو جڏهن ته سندس رويي ۾ تبديلي نه اچڻ جي صورت ۾ سزا ۾ واڌ به ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته مذهبي اڳواڻ تي ٻارڙن سان مبينا جنسي ڏاڍائي ۽ ملڪي نظرين جو مذاق اڏائڻ سميت مختلف ڪيس داخل ٿيل هئا، رزاق شهاب انهن ڪيسن سبب سعودي عرب هليو ويو هو ۽ 3 سال پاڻمرادو جلاوطني ڪاٽي واپس آيو هو، گذريل سال نومبر۾ وطن واپسي دوران ايئرپورٽ تي سندس هزارين عقيدتمند گڏ ٿيا ۽ هو وڏي جلوس جي شڪل ۾ گهر روانو ٿيو هو، حڪومت کيس وڏا ميڙاڪا ڪرڻ تي وارننگ پڻ ڏني هئي پرهن انهن جي پرواهه نه ڪئي، گذريل ڏينهن هو هڪ مذهبي بورڊنگ اسڪول جي تقريب ۾ شريڪ ٿيو، جٿي پڻ وڏو ميڙاڪو ڪيو ويو، رزاق شهاب تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ بعد واپس گهر وڃي رهيو هو ته پوليس کيس گرفتار ڪري ورتو.