پيرجوڳوٺ ڀرسان شرپسند ماڻهو ڪيلن جو فصل ڪپي چٺي ڇڏي ويا

0
326

پيرجوڳوٺ(ن پ ا) پيرجوڳوٺ ڀرسان ڪوٽ مير محمد شهر ٻاهران شرپسند ماڻهو ڪيلن جو فصل ڪپي چٺي ڇڏي ويا، آبادگار عبدالستار۽ حاجي محمد علي ڪلهوڙو جي ڪيلن جي باغ جا ٻه جريب ڪيلا ڪپڻ جي نتيجي ۾ آبادگار کي لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، متاثر آبادگارن جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ اسان اسان جا 4 نوجوان شهيد ڪيا ويا، جنهن جي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيو ته سائين ڏنو ناريجو اسان کي چٺي موڪلي آهي، جنهن ۾ هن لکيو، مون سان فون تي رابطو ڪيو نه ته اوهان جا ماڻهو قتل ڪندس، هنن ايس ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.