ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪورنگي  جي دارالسلام سوسائٽي مان اغوا ٿيل شوروم مالڪ شهباز بازياب، اغوا ڪندڙ پوليس اهلڪار نڪتو، پوليس 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ گاڏيون هٿ ڪري ورتيون، ان ڏس ۾ ڪورنگي انڊسٽريل ايريا پوليس ڪورنگي بند ويجهو ڪارروائي ڪري دارالسلام سوسائٽي مان اغوا ٿيل شوروم مالڪ شهباز بازياب ڪرائي پوليس اهلڪار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار ۽ گاڏيون هٿ ڪيون، گرفتار جوابدار سهيل حسن ملير جي سکڻ ٿاڻي تي سپاهي طور مقرر ٿيل آهي، جڏھن ته  بلال ۽ شهزاد خانگي ماڻهو آهي، پوليس موجب جوابدارن 20 لک  ڀنگ گهريو ،  3 لکن ۾ ڊيل ٿي، مغوي شوروم مالڪ کي ڪرنٽ هڻي تشدد جو نشانو  بڻايو ويو، سندس  اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي  رقم ڪڍرائي وئي، پوليس موجب شوروم مالڪ جي آمريڪي شهريت رکندڙ زال پڻ پوليس سان ڪارروائي دوران گڏ هئي،