اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ ميڊيڪل جي شاگردن کي قرآن شريف جو حافظ هجڻ تي 20 واڌو نمبر ڏيڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ 15 مارچ تي ٻڌڻي ڪندي، جسٽس يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد وحيد بئنچ جو حصو هوندا. عدالت پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن ۽ اٽارني جنرل سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل سال ٻڌڻي دوران معاملو سامهون اچڻ تي پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو.