نوابشاهه (بيورو رپورٽ) ضلعي شهيد بينظير آباد جي خوراڪ کاتي جي عملدارن هڪ ارب 58 ڪروڙ، 85 لک 65 هزارن جي ڪڻڪ گم ڪري ڇڏي، ملوث ملازم معطل، نيب پاران جاچ شروع، خبر موجب ضلع شهيد بينظير آباد جي مختلف گدامن ۾ اربين رپين جي پيل ڪڻڪ جون ٻوريون خرد برد ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد نيب معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري ملوث ملازمن خلاف ڪارروائي ڪندي کين معطل ڪري ڇڏيو آهي، خوراڪ کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر منور آرائين رابطو ڪرڻ تي چيو ته سال 2021 ۽ 2022 دوران خوراڪ کاتي جي فوڊ انسپيڪٽرن ڄاڻي واڻي اربين روپين جي ماليت جون ٻوريون گم ڪيون، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ خرد برد فوڊ سينٽر مجيد ڪيريو جي فوڊ انسپيڪٽر غلام علي خاصخيلي ڪئي جنهن 136000 ٻوريون گم ڪري ڇڏيون، جنهن جي هاڻوڪي قمت هڪ ارب 36 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿي، جڏھن ته جن ٻين سينٽرن تان ڪڻڪ جون ٻوريون گم ٿيون انهن ۾ بچل پور ۾ 3900 ٻوريون، ڄام صاحب ۾ 800، ٻانڌي ۾ 2800، 60 ميل ۾ 915 ٻوريون شامل آهن، اهڙي طرح ضلع شهيد بينظير آباد مان ٽوٽل 144415 ڪڻڪ جون ٻوريون غائب ٿيل آهن، جن جي موجود اگهه مطابق ماليت هڪ ارب 58 ڪروڙ 85 لک 65 هزار ٿئي ٿي، ايڏي وڏي ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ نيب سکر پاران شروع ڪئي وئي آهي.