ڪوئيٽا ڌماڪو خودڪش قرار، بمبار گاڏي ۾ ويٺل هو: شيخ رشيد

0
438
پاڪستان اچڻ جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو شيخ رشيد ڪوئيٽا ڌماڪي کي آپگهاتي قرار ڏيندي چيو آهي ته هوٽل جي پارڪنگ تي ٿيل ڌماڪي دوران آپگهاتي بمبار گاڏي ۾ ويٺل هو، ڌماڪي ۾ 60 کان 80 ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ٿيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته پرڏيهه ۾ پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، سازش ۾ ملوٿ عنصر پاڪستان جي ترقي نٿا ڏسي سگهن، ڪوئيٽا جي سيرينا چوڪ تي گذريل ڏينهن ٿيل آپگهاتي حملي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، ڌماڪي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو.