ڪنڌڪوٽ ۾ ٿاڻي سامهون ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 13 ڄڻا زخمي

0
259
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي مين گيٽ سامهون پوليس جي موجودگي ۾ ميراڻي ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ڏيتي ليتي تان جهيڙو ٿي پيو، ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين ۽ سروٽن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ بابل ميراڻي، ڪريم بخش ميراڻي، هيبت ميراڻي، صحبت ميراڻي، مير حسن ميراڻي، ممتاز ڀٽو، عبدالخالق ڀٽو، عبدالقيوم ڀٽو، زوار ڀٽو، محمد علي ڀٽو، حق نواز ڀٽو ۽ غفار ڀٽو شامل آهي، سمورن زخمين کي پوليس سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻنهي ڌرين جا ماڻهو زخمي هجڻ ڪري پوليس ڪابه گرفتاري نه ڪئي.