ملير (رپورٽر) بن قاسم پوليس پاران پپري ويجهو مبينا مقابلو ڪري هڪ ڦورو هدايت الله مگسي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان غيرقانوني پسٽل ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب معمول جي گشت تي هئاسين ته موٽرسائيڪل تي سوار ٽن شڪي ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جن بيهڻ بدران پوليس مٿان فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته 2 جوابدار انداهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. جڏهن ته مقابلي ۾ ڪوبه پوليس اهلڪار يا پوليس موبائل کي ڪو نقصان نه ٿيو آهي، ٻئي طرف گرفتار ملزم ٽنڊي ڄام واسي هدايت الله مگسي جي والد الله بچايو مگسي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته پٽ رڪشا هلائي پيٽ گذر ڪندو آهي، جنهن جي 4 ڏينهن اڳ 7 مئي تي پپري مان پوليس کنڀي وئي، جنهن بعد ٿاڻي تي وياسين جتي پوليس هدايت الله جي گرفتاري کان انڪار ڪري ڇڏيو، ٻن ڏينهن جي ڳولا بعد ٻيهر بن قاسم ٿاڻي تي هدايت الله جي موجودگي جي خبر پئي، جتي پهتاسين ايس ايچ او عمران آفريدي، سب انسپيڪٽر حبيب الله شاهاڻي ۽ هڪ ٻيو اهلڪار موجود هئا، اُتي سب انسپيڪٽر حبيب الله شاهاڻي اسان کان هڪ لک رپين جي گُهر ڪئي، جنهن تي اسان انڪار ڪيو، جنهن بعد سب انسپيڪٽر فائنل 50 هزار رپين جي گهر ڪندي چيو ته پئسا نه ڏيڻ جي صورت ۾ پٽ کي جي ٿري جي گولي هڻي هاف فرائي ڪيو ويندو، هن ٻڌايو ته دانهڻ تي ايس ايچ او اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائي ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو، صبح جو اسان کي خبر پئي ته پوليس مقابلو ڪري هدايت الله کي گولي هڻي زخمي ڪيو آهي، هن دانهيندي چيو ته پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪري ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي هاف فرائي ڪيو ويو آهي، ظلم جو نوٽيس وٺي بن قاسم پوليس خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.