ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي  تي هٿياربندن هٿان مارجي ويل 2 سڳن ڀائرن علي خان چاچڙ ۽ يوسف چاچڙ جو قتل ڪيس سندس امڙ پوپري جي فرياد تي 10 ڄڻن مٿان بي سيڪشن ٿاڻا تي مک جوابدار رسول بخش عرف ڪراڙو چاچڙ سميت 10 ڄڻن مٿان داخل ڪرايو.فريادڻ ڪيس ۾ ڄاڻايو ته رسول بخش عرف ڪراڙو چاچڙ وارن سان تڪرار هلندڙ هو،  جنهن تان جوابدارن پٽن کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.رسول بخش عرف ڪراڙو چاچڙ ڪجهه وقت اڳ سکر ۾ قتل ٿي ويل آپڪا اڳواڻ محمد مراد چاچڙ جو ڀاءُ آهي.ياد رهي ته هٿياربندن 2 ڏينهن اڳ 2 مقتول ڀائرن جيڪي جيل مان آزادي بعد گهر طرف وڃي رهيا هئا ته کين هٿياربندن ڪار مٿان انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ٻنهي ڀائرن کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا هئا.