سکر(بيورو رپورٽ) نيب سکر اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر  رحيم بخش ميتلو ۽ سندس ڀاءُ اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن رياض ميتلو کي ٻيھر طلب ڪري ورتو، ٻنھي ڀائرن رحيم بخش ميتلو، رياض ميتلو ۽ سندن والد شفيع محمد ميتلو کي نيب ڪال اپ نوٽيس جاري ڪندي 30 آگسٽ (اڄ) طلب ڪري ورتو آھي. نيب سکر ايس ايس پي سائوٿ کي ليٽر لکي سندن حاضريءَ کي يقين بڻائڻ جي ھدايت ڪئي آھي. واضح رھي ته نيب سکر طرفان سکر ۽ شڪارپور جي اڳوڻي ڊپٽي ڪمشنر سکر رحيم بخش ميتلو خلاف آمدنيءَ کان وڌيڪ اثاثا، ڪرپشن ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال جي حوالي سان انڪوائري ھلندڙ آھي.