ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاهه ۾ قتل ٿيل نوجوان جو ڪيس 6 ڏينهن بعد سندس مزدور خلاف داخل ڪيو ويو آهي. مقتول نديم شيخ جي قتل جو ڪيس سندس مزدور سميت 3 جوابدرن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. مقتول وٽ  دڪان تي مزدوري ڪندڙ  محرم چوهاڻ گهر خالي ڪري نامعلوم هنڌ فرار ٿي ويو. مقتول جي ڀاءُ فيض محمد شيخ  6 ڏينهن بعد ڀٽ شاهه ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرائي ورتو آهي.  هن وقت تائين  قتل جو ڪارڻ معلوم ٿي نا سگهيو آهي پر مقتول جي ڀاءُ فريادي فيض محمد شيخ ڪيس ۾ موقف ڄاڻايو آهي ته منهنجي ڀاءُ نديم شيخ جي قتل بعد مزدور محرم چوهاڻ لاڳيتو لاپتا  آهي هن چيو تـ 23 اگسٽ تي رات جو 10 بجي ڌاري قومي شاهراه تي  موٽرسائيڪل سوار ٻن هٿياربندن بيگناهه منهنجي ڀاءُ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ سندس دوست انتظار قريشي کي زخمي ڪيو، جنهن بعد منهنجي ڀاءُ جي دوڪان تي ڪم ڪندڙ مزدور محرم چوهاڻ گهر ڇڏي گم ٿي ويو آهي جنهن تي اسان کي شڪ آهي ته اهو قتل واقعي ۾ ملوث آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي ته قتل جا ڪارڻ سامهون اچي ويندا. ٻئي پاسي ايس ايچ او ڀٽ شاه عبدالحڪيم قريشي جو چوڻ آهي تـ ڪيس ۾ نامزد محرم چوهاڻ کنڊو ڀرسان ڳوٺ صالح چوهاڻ جو رهواسي آهي جيڪو ڪجهه ڏينهن کان گهر خالي ڪري گم ٿي ويو آهي تمام جلد ان کي گرفتار ڪري قتل بابت سموريون حقيقتون سامهون آڻينداسين.