ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ويجهو مڇي مارڻ دوران نوجوان واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، خبر موجب ڳوٺ سھراب واسي نوجوان عبدالستار کوسو شاهي واهه ۾ مڇي مارڻ دوران وڏي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو. اطلاع تي وارثن پهچي واهه مان نوجوان جو لاش ڪڍيو، نوجوان جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو. وارثن ٻڌايو ته نوجوان مڇي مارڻ ويو ته واهه ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو.