حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڪرن خان شورو ڳوٺ ۾ گهٽي ۾ بيهڻ تان منع ڪرڻ تي ملاح ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو ضمير ناريجو گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرن خان شورو ۾ رهندڙ ملاح ۽ ناريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ گهٽي ۾ بيهڻ جي معاملي تان تڪرار هلندڙ هو ۽ ڪيتري ئي عرصي کان ٻئي ڌريون هڪٻئي سان ڏند چڪ ڏينديون رهيون آهن. پوليس موجب گذريل رات ملاح برادري جا ڪجهه ماڻهو گهٽي ۾ بيٺا ته ناريجا ڌر جي ماڻهن کين گهٽي ۾ بيهڻ تان روڪيو. ان دوران ڌرين ۾ ڏند چڪ ٿي جيڪا وڌي جهيڙي جي صورت اختيار ڪري وئي. جهيڙي دوران فائرنگ به ٿي ۽ گولي لڳڻ سبب ضمير ناريجو زخمي ٿي پيو. پوليس موجب زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.