شاهپورچاڪر (ن پ ا) شاهپورچاڪر ڀرسان ڳوٺ ڪرم الله ڏاهري جي رهواسي حبيب ڏاهري پنهنجي نوجوان پٽ ڪمال الدين ڏاهري ۽ پنهنجي ويجهن عزيزن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي الزام لڳائيندي چيو ته منهنجي پٽ کي رميش ۽ هڪ اڻڄاتل شخص تشدد ڪري فصل ۾ ڦٽو ڪيو. متاثر نوجوان ڪمال الدين ٻڌايو ته رميش ڀيل پهريان به ڪافي ڀيرا منهن ماري ڪئي ۽ ڌمڪيون ڏيندو هو ته توکي ڏسي رهندس هن ڀيري هن اڻڄاتل شخص سان ملي مونکي رسن سان ٻڌي تشدد ڪري ڦٽو ڪري ويا، هو پنهنجي پر ۾ مونکي ماري چڪا هئا. هن ٻڌايو ته پوليس کي اطلاع ڏيڻ ۽ اين سي داخل ڪرائڻ باوجود جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿي آهي ۽ اسان کي ان مان اڃا به خطرو آهي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.