بڊاڻي (ن پ ا) بڊاڻي ويجهو ڳوٺ الله بخش ڀٽو وٽ لنڪ روڊ تان گذريل رات نامعلوم هٿياربند هٿيارن جي زور تي 18 سالا پورهيت دلمراد ڀٽو کي مبينا طور اغوا ڪري ويا، اطلاعن موجب گذريل رات دير سان پورهيت هوٽل تي مزدوري ڪرڻ بعد شهر کان ڳوٺ گودي بنگلي طرف موٽرسائيڪل تي وڃي رهيو هو ته رستي مان کيس اغوا ڪيو ويو. وارثن واقعي واري ھنڌ پھچي پوليس کي اطلاع ڏنو، وارثن غلام ياسين ڀٽو ۽ ٻين ٻڌايو ته اطلاع باوجود پوليس ھن وقت تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، هوڏانهن اغوا واقعي بعد نوجوان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. بڊاڻي پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي اغوا جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، کيس جلد بازياب ڪرايو ويندو.