ڪنڊيارو(رپورٽ: وحيد ميمڻ) ڳوٺ ڪبير گهانگهرو واسي پورهيت منظور گهانگهرو، بلاول گهانگهرو ۽ روشن گهانگهرو کي نامعلوم گاڏي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ٽئي پورهيت فوت ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي آس پاس جي ماڻھن فوتين جالاش تلعقه اسپتال پهچايا جتي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، فوتين جا مڙھ ڳوٺ پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو، هر اک آلي ڏسڻ ۾ آئي، ٻڌايو پيو ويو ته فوتي سرن جي بٺي تي مزدوري ڪندا هئا ۽ اسر ويل مزدوري تي وڃي رهيا هئا ته نامعلوم گاڏي جي ٽڪر م اجل جو شڪار ٿي ويا، هوڏانهن حادثو ڪندڙ ڊرائيور گاڏي سوڌو فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، ٻئي طرف فوتي پورهيتن جي وارثن پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته حادثي کانپوءِ فوتين جا لاش ٽن ڪلاڪن تائين روڊ تي پيل هئا، اسپتال انتظاميه کي ڪيترا دفعا فونون ڪيون پر انتظاميه فوتين کي کڻڻ لاءِ ايمبولنسون روانيون نه ڪيون ۽ سندن فوتين جا لاش روڊ تي پيل هئا، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي جي جاچ ڪرائي وڃي.