ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري ڪرپشن الزام هيٺ آيل ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي کي سرينڊر ڪري ڇڏيو، سيڪريٽري سروسز کي لکيل خط ۾ ڪرپشن جي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي کي معطل ڪرڻ جي سفارش پڻ ڪئي وئي. واضح رهي ته فضل حسين اويسي تي کاتي جي اڪائونٽ مان 84 لک ڪڍرائڻ ۽ سرورن جي خريداري ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي. فضل حسين اويسي تي عورت ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جو به الزام آهي