ڪنڊيارو (ن پ ا) عيد کان شروع ٿيل احساس ڪفالت جي پئسن ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آھي ڪنڊيارو شھر جي گرلس هائر سيڪنڊري ۽ بوائز هاءِ اسڪولن ۾ ھلندڙ احساس ڪفالت پروگرام ۾ ملندڙ پئسن ۾ ايجنٽ مافيا سرگرم ٿي ويا آھن. جڏھن ته ايس او پيز جي لتاڙ ڪئي پئي وڃي پئسا وٺندڙ عورتن جي پيهه سبب ڪورونا پيکڙجڻ جو انديشو وڌي ويو آھي جڏھن ته سينٽرن تي مقرر ڪيل پوليس صرف اسڪولن جي گيٽ تي ويٺل نظر اچي رهي آهي، پوليس ايس او تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. هوڏانهن مستحق عورتن پاران ڊوائس هولڊرن تي 500 کان 1000 رپيا ڪاٽڻ جا الزام هنيا پيا وڃن.