نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ۾ اي سي روينيو شھر اندر ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ماسڪ نه پائيندڙ دڪاندارن توڙي خريدارن خلاف ڪارروائي ڪندي شھر جي مختلف دڪاندارن مٿان ھڪ _ھڪ ھزار رپيا ڏنڊ وصول ڪيو، اھڙي ڪارروائي تي شهر جي واپارين اي سي خلاف احتجاجي جلوس ڪڍي آرٿرپل تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي شاھ محمد شيخ، آصف علي ڪاٺيو، اسحاق شيخ، معظم ٽڳڙ ۽ ٻين دانيهندي چيو ته اي سي نصيرآباد اسان سان زيادتي ڪري رھيو آھي، اسان مٿان غيرقانوني ڏنڊ ھڻي رقم وصول ڪري رھيو آھي، ھنن چيو ته ڪورونا جي آڙ ۾ انتظاميا بنا جواز تنگ ڪري رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اي سي نصيرآباد کي ھٽايو وڃي، ٻي طرف اي سي بشارت ۽ حسين ماھوٽي پنھنجي اخبار کي ٻڌايو ته مان ڪنھن به واپاري يا شھري سان نا انصافي نه ڪئي آهي، ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ تي واپارين تي ڏنڊ هنيو.