ڪنب (ن پ ا) ڪنب ويجهو ڳوٺ غلام محمد بڙدي واسي مغوي رٽائرڊ فوجي اھلڪار 9  ڏينھن گذرڻ باوجود بازياب نٿي سگھيو. رپورٽ موجب ڪنب لڳ ڳوٺ غلام محمد بڙدي واسي رٽائرڊ فوجي اهلڪار مريد عباس بڙدي 9 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ اغوا ٿي ويل مريد عباس بڙديءَ جي ڀاءُ مريد حيدر بڙدي ڪنب ۾ ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته 9 ڏينھن اڳ ڀاءُ گھران نڪري ويو، جنھن بعد سندس نمبر تان ڌاڙيلن فون ڪري ٻڌايو ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي. ڌاڙيلن بازيابي لاءِ 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي. هن چيو ته اسان غريب آھيون، ايتري رقم ڪٿان آڻيون.  ڌاڙيلن پاران ڀنگ نه ڏيڻ جي صورت ۾ ڀاءُ کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڀاءُ جي زندگي خطري ۾ آھي. ڪنب پوليس ڪو تحرڪ ناهي ورتو. هن تڪ جي چونڊيل نمائندن، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي بازيابي لاءِ موثر ڪارروائي ڪئي وڃي.