راڻيپور (ن پ ا) راڻيپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان نينگر گهرو پريشانين سبب ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب راڻيپور ريلوي اسٽيشن درگاھ اگهو مشائخ ڀرسان 15سالن جي ساجد علي ولد علي مردان سرڪي پنهنجي گهر جي ڪمري ۾ ڦاهو کائي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو. وارثن جو چوڻ آهي ته نينگر جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، جنهن ڪري هن ڪمري اندر ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي.  اطلاع ملڻ تي راڻيپور پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ گهر ڪئي. فوتيءَ جي وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جڏهن ته خودڪشي جي اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي.