حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ٻهراڙي جي ڳوٺ شير محمد گوپانگ جي رهواسين نوجوان سهيل کي مبينا جعلي مقابلي ۾ زخمي ڪري گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊز کڻي هٽڙي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. احتجاج بعد پريس ڪانفرنس ڪندي خان محمد گوپانگ، فقير محمد گوپانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته 10 آڪٽوبر تي ڪورٽ مان شنوائي بعد پوليس سندن نوجوان سهيل گوپانگ کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو. سندس گرفتاري چئن موٽرسائيڪلن ۽ بنا نمبر جي اڇي ڪلر جي ڪار ۾ سادا ڪپڙا پهريل ماڻهن ڪئي. بعد ۾ ساڳئي رات 2 بجي ڌاري هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سهيل کي مبينا مقابلو ڄاڻائي ٽنگ ۾ گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. هنن چيو ته نوجوان سهيل کي ڪورٽ ٻاهران اغوا ڪيو ويو ۽ بعد ۾ ڪوڙي مقابلي ۾ کيس زخمي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا. هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ نوجوان کي زخمي ڪرڻ ۽ ان کان اڳ سادن ڪپڙن ۾ کيس اغوا ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.