حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد پوليس هڪ جوابدار کي مبينا طور زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته سي آءِ اي پوليس جي نشاندهي تي فورٽ پوليس جو گڊز ناڪه روڊ وٽ ريلوي جي دڪي ڀرسان هڪ مبينا طور اسٽريٽ ڪرمنل سان مقابلو ٿيو. مقابلي ۾ جوابدار افتخار گجر ٽنگ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. زخمي کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. فورٽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پوليس کي موٽرسائيڪلن جي چوري، ڦرلٽ ۽ ٻين سنگين وارداتن ۾ گهربل آهي. سندس خلاف ڦليلي، بلديا ۽ فورٽ ٿاڻي تي 6 کان وڌيڪ ڪيس داخل ٿيل آهن. گرفتار جوابدار بابت وڌيڪ جاچ به ڪئي پئي وڃي.