ڪنب (ن پ ا)يوسي رحيم بخش وساڻ ۾ پ پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ،ڊسٽرڪٽ ڪائونسل سيٽ تي اڳوڻو ضلع چيئرمين شھريار خان وساڻ ۽ يوسي چيئرمين تي عبدالرزاق وساڻ ڪامياب رپورٽ موجب تعلقه ڪوٽڏيجي  جي يونين ڪائونسل رحيم بخش وساڻ ۾ پ پ پ جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽ تي اميدوار شھريار خان وساڻ ۽ يوسي چيئرمين تي عبدالرزاق وساڻ ۽ وائيس چيئرمين ممتاز علي گوپانگ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن۔ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي سيٽ تي آزاد اميدوار شيرعلي بگٽي ۽ جي يو آء جي عابد ڪلادي پ پ پ جي نامزد اميدوار اڳوڻي ضلع چيئرمين شھريار خان وساڻ جي حق ۾ هٿ کڻي ويا۔جڏهن ته يوسي چيئرمين شپ سيٽ تي نياز علي بگٽي پ پ پ اميدوارعبدالرزاق وساڻ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو اهڙي طرح پ پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا جنهن جي تصديق آر او ڪوٽڏيجي پڻ ڪئي.