وڳڻ (ن پ ا )وڳڻ ۾ ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن ۽ يوسين يارو ديرو، چئوديرو، ڏيرا ۽ آباد  جي بلدياتي اليڪشن ۾ چونڊ وڙھندڙ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ وارڊن جي ڪائونسلرن کي پ پ پ طرفان ٽڪيٽون ڏنيون ويون ، پ پ پ جون ٽڪيٽون حاصل ڪندڙ اميدوارن ۾ ٽائون  ڪاميٽي وڳڻ تي خليل احمد  وڳڻ، مختيار جتوئي، عبدالباري وڳڻ، يوسي ياروديرو تي چيئرمين لاءِ ڪليم الله تنيو، وائيس چيئرمين تي عبدالرحمان ابڙو ،ڊسٽرڪٽ ڪائونسل لاءِ منور علي مغيري ، جنرل ڪائونسلر وارڊ 1 تي عمران علي شاھه ، وارڊ 2 تي امجد علي تنيو ، وارڊ 3 تي مسعود دربان  وارڊ 4 تي علي گوھر چنو جڏهن ته يوسي چئوديرو تي چيئرمين لاءِ دانش خان تنيو ، وائيس چيئرمين نصرت علي سومرو  ضلعي ڪائونسل ميمبر وڪيل عاشق علي جتوئي، جنرل ڪائونسلر هڪ تي سرتاج احمد تنيو يوسي ڏيرا تي چيئرمين محمد علي عرف پپو ٻٻر يوسي آباد تي چيئرمين لاءِ اميدوار عامر علي ڪلھوڙو، وائيس چيئرمين آڪاش نور تنيو ضلعي ڪائونسل ميمبر  تي عزيز اللّٰه مغيري  ۽ ٻين کي پ پ پ ضلعي صدر پاران مليل ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون.