تلهار (ن پ ا) تلهار تعلقي ۾ مرزا گروپ سان تعلق رکندڙ وڏيرو عبدالله خاصخيلي  جنهن اڳوڻي مڪاني چونڊن ۾ يوسي پير علي بهادر شاهه تي پ پ جي اميدوار کي سخت ٽف ٽائم ڏنو، پنهنجي برادري سميت پي پي ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر تي اعتماد ڪندي پ پ ۾ شامل ٿي ويو.خبر موجب ايم پي اي الهه بخش ٽالپر جي اوطاق تي وڏيري عبدالله خاصخيلي پنهنجي برادري سميت پ پ  ۾ شموليت جو اعلان ڪيو، ان موقعي تي عبدالله خاصخيلي پنهنجي اخبار ۽ ٽائم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پي پي ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر تڪ اندر تمام گهڻا ترقياتي ڪم ڪرايا آھن.انڪري مون پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻي طرف پي پي ايم پي اي خطاب ڪندي چيو ته پي پي عوامي پارٽي آھي جنهن جون پاڙون عام ماڻھن ۾ آھن،منهنجي اوليت هوندي آھي ت پنهنجي تڪ جي ماڻھن جي مسئلن کي ترجيعي بنيادن تي حل ڪيو وڃي .ان  موقعي تي وڏيرو بلاول خاصخيلي .وڏيرو مصطفي خاصخيلي . امير احمد راهوڪڙو.پي پي تعلقاصدر نياز لاشاري.جنرل سيڪريٽري رئيس مرزو خان دلواڻي.پي پي اڳواڻ پير محفوظ الاهي قادري.رئيس مرتضي جمالي ۽ خاصخيلي برادري ملاح برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي.