ڪلوئي ڀرسان نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

0
234

ڪلوئي(ن پ ا) ڳوٺ اوطاق ارباب پير بخش ويجهو 20 سالن جي نوجوان هيمن ڪولهي گهرو اڻبڻت سبب مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته رات دير سان نوجوان گهران نڪري ويو هو صبح سوير ديوي جي وڻ ۾ ڦاهي کائي خودڪشي ڪئي آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش وڌيڪ ڪاروائي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال ڏيپلو منتقل ڪري ڇڏيو.