جھڏو (ن پ ا) جھڏو شهر ۾ مسلسل ڏهه ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي بند، شھري سخت اذيت ۾ مبتلا، جھڏو شهر جي حاجي عاشق ڪالوني، ھاشم ڪالوني، غلام حسين ڪالوني سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي متاثر شھرين اياز کوسو، رميش ڪمار، عبدالرحمان ۽ ٻين چيو ته پبلڪ هيلٿ واٽر سپلاءِ انتظاميا جي نااهلي سبب اسان جي علائقن ۾گذريل ڏهن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي مڪمل طور تي بند آهي پاڻي فراهم نه ٿيڻ سبب اسان پاڻي پئسن عيوض خريد ڪري واپرائي رھيا آھيون. جڏھن ته شھر جو غريب طبقو ڏورانهين علائقن مان پاڻي ڀري اچڻ تي مجبور بڻيل آهي. ھنن چيو ته واٽر سپلاءِ انتظاميا ٽينڪر مافيا سان ملي ڪري شھر جو پاڻي بند ڪري وڪرو ڪن پيا جنھن ڪري اسان سخت پريشان آهيون. ھنن چيو ته پاڻي بند ھجڻ جون اسان اسسٽنٽ ڪمشنر جھڏو ۽ واٽر سپلاءِ انتظاميا کي بار بار شڪايتون ڪيون آهن پر ڪو به تدارڪ نٿو ڪيو وڃي. ھنن ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پاڻي فراهمي بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ جھڏو ميرپورخاص مين روڊ تي درڻو ھڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو.